سرمست 23

سرمست 23

سرمست 23

سرمست 23: سرمست جي 23 ڪڙيءَ جو مرتب مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي آهي. چيئرمئن سچل سرمست يادگار ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر اعجاز احمد منگيءَ ۽ گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين کان پوءِ هن شماري ۾ هيٺيان مقالا شايع ڪيا ويا آهن:
(1) مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) سـچــل سـرمـست جـي عـوامـي شـاعـري (ڊاڪـٽر نـواز عـلــي شـوق)، (3) خيام، عطار ۽ سچل (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (4) ديوان آشڪار جو هڪ ناياب قلمي نسخو (محمد پنهل ڏهر)، (5) وحدت نامو (سنڌي) جو مـطـالـعــو (ڊاڪـٽر بشـيـر احـمـد شـاد)، (6) بهاول فقير (خادم عباسي)، (7) سچـل آخـري زماني جو منصور
(نواز رڪڻائي)، (8) سچل سارو سچ (ذاڪر حسين کٽي)، (9) ديوان آشڪار- عقل نقل جو شاهڪار (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (10) سنڌ ۾ ڪاري ۽ ڪاريءَ جي رسم ۽ سچل سرمست جو موقف (پروفيسر سومرو غلام رسول اڪرم)، (11) ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي (الله آءِ سومرو'>حزب الله آءِ سومرو)، (12) سچل سائينءَ جو فڪر (ميان غلام حسين فاتح)، (13) سچل سرمست جي اردو شاعريءَ ۾ حسن ۽ عشق جو فلسفو (پروفيسر موهن لعل پريمي)، (14) منصوري روايات ڪي علمبردار حضرت سچل سرمست ڪي شاعري مين عشق و مستي (آغا احسان دانش) ۽ (15) سچل سرمست تي ببليو گرافي (مهر خادم).
ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل هي شمارو 2002ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو